تحريڪ ريشمي رومال

تحريڪ ريشمي رومال: جڏهن برطانيه ۽ فرانس، خلافت عثمانيه (ترڪي) کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو ۽ ان کي تباهه ڪرڻ لاءِ، طرابلس ۽ بلقان ۾ جنگ شروع ڪئي ته برصغير جي وڏي عالم شيخ الهند مولانا محمودالحسن ان ڳالهه جو سخت نوٽيس ورتو. جڏهن ترڪ پهرين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ شريڪ ٿيا، ته مولانا محمود الحسن، مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي ڪابل موڪليو ته جيئن اُتان جا حاڪم ۽ دانشور جرمنيءَ ۽ ترڪيءَ جي سفارتخانن سان رابطو پيدا ڪن ۽ اهڙو منصوبو ٺاهين، جنهن سان ترڪيءَ جي سلطنت جو بچاءُ ٿي سگهي، گڏوگڏ هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ کي به هٿي ملي. ان مقصد لاءِ سنڌ مان حاجي عبدالله هارون مالي مدد ڪئي. شيخ الهند خود به حجاز وڃڻ جو خواهشمند هو ته جيئن اُتي رهي آزاديءَ سان ڪم ڪري سگهي، پر مولانا آزاد کيس مشورو ڏنو ته هندستان ۾ ويهي ڪم ڪيو وڃي ۽ نظربنديءَ وغيره جي نوبت اچي ته خوشيءَ سان قبول ڪجي، ڇوته ٻاهر وڃڻ سان ڪو کڙ تيل نه نڪرندو. بهرحال مولانا عبيدالله سنڌيءَ ڪابل وڃي جيڪي حالتون ڏٺيون، سي ”ريشمي رومال“ تي لکي، اهو رومال پنهنجي ملازم هٿان ٻن مهاجر نوجوانن سان گڏ هندستان موڪلي ڏنو. اُهو ملازم پنهنجي پهرئين مالڪ خانبهادر حق نواز خان وٽ پُهتو، جيڪو سر مائيڪل اوڊائر (جليانوالا باغ واقعي جي قاتل ۽ ملتان جي ڪمشنر) جو خاص دوست ۽ ٻنهي مهاجر نوجوانن جو پيءُ هو. حق نواز خان ملازم کان اهو رومال هٿ ڪيو، لالچ ۾ اچي اهو رومال ملتان جي ڪمشنر کي پهچائي ڇڏيو ۽ ائين هن تحريڪ جو راز کلي پيو. انگريز ڪمشنر پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ”سازش جو منصوبو هيءَ هو ته ترڪ ۽ عرب، شريف حسين مڪه جي قيادت ۾، سرحد تي حملو ڪن، ۽ اندران اندر هندستان جا مسلمان انهن کي مدد ڏين کين اميد هئي ته انقلاب پسند هندو ۽ ٻيا آمريڪا مان آيل سِک هن تحريڪ ۾ شامل ٿي ويندا. ريشمي رومال شيخ الهند تائين پهچي نه سگهيو، ڇوته پاڻ اڳ ۾ ئي حجاز وڃي چڪو هو. رومال تي لکيل اهو خط، فارسي ٻوليءَ ۾ هو، ۽ اُن تي 9 جولاءِ 1916ع جي تاريخ لکيل هئي. اُن خط ۾ اهو به ڄاڻايل هو ته ترڪيءَ ۽ جرمنيءَ جو وفد ڪابل آيل هو، جيڪو واپس هليو ويو آهي. ڪابل ۾ ”آزادِ هند“ عارضي حڪومت ٺاهي وئي آهي، جنهن جو صدر راجا مهندر پرتاب کي بنايو ويو آهي. هن خط ۾ ”حِزب الله“ تيار ڪرڻ جو هڪ منصوبو به درج هو. جون 1916ع ۾ مڪي جي واليءَ ”شريف حسين“، انگريزن جو ساٿاري ٿي ترڪن خلافت بغاوت ڪئي، جنهنڪري مسلم اُمت ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. هن ڏکئي وقت ۾ مڪي جي شريف حسين جي بغاوت، خلافت عثمانيه (ترڪي) کي ختم ڪرڻ جو سبب بڻي. شيخ الهند محمودالحسن ۽ ٻين هندستاني شخصيتن کي مڪي جي والي شريف حسين گرفتار ڪرائي، انگريزن جي حوالي ڪيو. سڄي هندستان ۾ گرفتاريون ٿيون. شيخ الهند پهرين مصر ۽ اُن بعد مالٽا ۾ نظربند رهيو، ۽ تاريخ ۾ ”اسير مالٽا“ جي نالي سان مشهور ٿيو. جنگ جي خاتمي تي کيس آزاد ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو